اسلام آبادپاڪستان

اليڪشن ڪميشن جو فواد چوڌري ۽ اعظم سواتي کي چيف اليڪشن ڪمشنر مٿان الزام هڻڻ تي نوٽيس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن وفاقي وزير فواد چوڌري ۽ اعظم سواتي کي اليڪشن ڪميشن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر مٿان الزام ۽ چڙ ڏياريندڙ بيان ڏيڻ تي ڪيس ۾ شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. ڪالهه اليڪشن ڪميشن جي ميمبر نثار دراني ۽ شاهه محمد جتوئي تي ٻڌل 2 رڪني بينچ فواد چوڌري ۽ اعظم سواتي پاران اليڪشن ڪميشن مٿان الزام ۽ چڙ ڏياريندڙ بيان بابت معاملي جي شنوائي ٿي. اعظم سواتي جو وڪيل محمد زبير ڪميشن جي سامهون پيش ٿيو. جڏهن ته فواد چوڌري طرفان ڪوبه وڪيل پيش نه ٿيو. شنوائي دوران اعظم سواتي جي وڪيل چيو ته سينئر وڪيل علي ظفر مصروفيتن سبب پيش ناهي ٿيو. ڪالهه اعظم سواتي ذاتي طور تي پاڻ پيش ٿيو، اڄ رستا بند آهن. اسان به وڏي مشڪل سان اليڪشن ڪميشن پهتا آهيون. ڪميشن ميمبر ريمارڪس ڏنا ته اعظم سواتي کي 2 نوٽيس ڏنا ويا آهن. اعظم سواتي کي هڪ نوٽيس فواد چوڌري سان گڏ ۽ ٻيو بابر اعواڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪرڻ تي جاري ڪيو هو. هي اعظم سواتي کي ڏنل ٻيو نوٽيس آهي. گذريل ڏينهن پهرين نوٽيس جي شنوائي ٿي. اعظم سواتي کي اڄ جي ڪيس ۾ به شوڪاز نوٽيس جاري ڪري رهيا آهيون. اليڪشن ڪميشن اعظم سواتي سان گڏ فواد چوڌري کي به شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي شنوائي 16 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. واضح رهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي معاملي تي اعظم سواتي، فواد چوڌري ۽ بابر اعواڻ اليڪشن ڪميشن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر مٿان الزام لڳايا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button