پاڪستانسائنس ۽ ٽيڪنالاجي

ووٽنگ مشين جو استعمال ٿيو ته 32 لک خاص ماڻهو ووٽ نه وجهي سگهندا:شبلي فراز

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شبلي فراز ايندڙ عام چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو استعمال ٿيڻ جي صورت ۾ اهم مسئلي طرف ڌيان ڇڪرايو آهي. سينيٽر شبلي فراز قومي اسيمبلي جي ميمبر نورين فاروق ابراهيم جي سوال تي لکت ۾ جواب قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرايو آهي. هن قومي اسيمبلي کي لکت جي طور تي آگاهه ڪيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو استعمال ٿيو ته 32 لک خاص ماڻهو ووٽ نه وجهي سگهندا. وفاقي وزير چيو ته اڃا تائين اي وي ايم ۾ نابين ماڻهن لاءِ بريل سسٽم موجود نه آهي. جيڪڏهن اهو سسٽم ٺاهڻو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي ان سلسلي ۾ ٻيهر هدايتون ڏيڻيون پونديون. هن چيو ته ڪجهه پولنگ اسٽيشنز تي معذور ماڻهن جي لاءِ ريمپ جي سهولت به موجود نه هوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button