اسلام آبادپاڪستان

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ زرداري مٿان فرد جرم لاڳو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 8 ارب رپين جي شڪي ٽرانزيڪشن ڪيس ۾ احتساب عدالت کي آصف زرداري مٿان فرد جرم لاڳو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. تفصيل موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ 8 ڏهائي 3 ارب رپين جي شڪي ٽرانزيڪشن جي معاملي تي 14 آڪٽوبر 2021 جي احتساب عدالت جي فيصلي خلاف آصف زرداري جي درخواست تي شنوائي ٿي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس عامر فاروق شنوائي ڪئي. آصف زرداري طرفان فاروق ايڇ نائيڪ جو مددگار وڪيل پيش ٿيو ۽ استدعا ڪئي ته فاروق ايڇ نائيڪ سپريم ڪورٽ مان اچي رهيو آهي. عدالت ڪيس بعد ۾ ٻڌي وٺي، جنهن تي عدالت ڪيس جي شنوائي ڪجهه دير لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي. جنهن کان پوءِ فاورق ايڇ نائيڪ عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ ٻڌايو ته سڀاڻي آصف زرداري تي فرد جرم لاڳو ٿئي ٿو، جنهن تي عدالت احتساب عدالت کي آصف زرداري مٿان فرد جرم لاڳو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. عدالت ايندڙ شنوائي تائين فرد جرم لاڳو ڪرڻ تي اسٽي جاري ڪري ڇڏيو ۽ نيب کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button