اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا وگهي 13 مريض فوت،فعال ڪيسن جو انگ 23 هزار 982 ٿي ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ڪرونا وبا وگهي گذريل 24 ڪلاڪن دوران سموري ملڪ ۾ وڌيڪ 13 مريض فوت ٿي ويا آهن. پاڪستان ۾ ايڪٽو ڪيسز جو انگ 23 هزار 982 ٿي ويو آهي. مليل ڄاڻ موجب موذي وائرس جا حملا جاري آهن. سموري ملڪ ۾ وڌيڪ 13 مريض فوت ٿي ويا، جنهن کان پوءِ گڏيل فوتگين جو انگ 28 هزار 405 ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪرونا هاڪاري ڪيسز جي شرح هڪ ڏهائي 4 رڪارڊ ڪئي وئي. اين سي او سي موجب پاڪستان ۾ ايڪٽو ڪيسز جو انگ 23 هزار 982 ٿي ويو آهي. جڏهن ته گڏيل ڪيسز جو انگ 12 لک 70 هزار 322 تائين پهچي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 516 نوان ڪيس سامهون آيا. جڏهن ته 12 لک 17 هزار 935 ماڻهو ڪرونا مان صحتياب ٿي چڪا آهن. سرڪاري انگن اکرن موجب پنجاب ۾ 4 لک 39 هزار 450، سنڌ ۾ 4 لک 68 هزار 401، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 77 هزار 646، اسلام آباد ۾ هڪ لک 6 هزار 777 ۽ بلوچستان ۾ 33 هزار 211 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. آزاد ڪشمير ۾ 34 هزار 450 ۽ گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 387 مريض ڪرونا مان متاثر ٿيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button