اسلام آباد : پاڪستان پيپلزپارٽي پارٽي تنظيمن کي ٻوڏ متاثرنلاءِ امدادي ڪئمپ لڳائڻ جي هدايت ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پارٽي تنطيمون سڄي ملڪ ۾ ۽ خاص ڪري سنڌ بلوچستان ڏکڻ پنجاب جي عوام جا اهنج ۽ تڪليفون گهٽائڻ ۾مددگار بڻجن. هن چيو ته مرڪزي صوبائي ضلعي شهري تنظيمي عهديدار سرندي وارن جي سهڪار سان متاثرن جي ڪئمپن ۾کاڌي پيتي جون شيون فراهم ڪرڻ جو بندوبست ڪن. هن چيو ته ٻٽي عذاب ۾ ڦاٿل ڀائرن جي ڏينهن رات خدمت ڪئي وڃي. هن چيو تهپ يپلزپارٽي ۽ پاڳاپيل تنظيمون بنا دير امدادي ڪئمپون قائم ڪن. هن چيو ته پارٽي عهديدار ٻوڏ وارن علائقن ۾ متاثرن کي راشن خيما دوائون پهچائين. هن چيو ته پيپلزپارٽيجا عهديدارپنهنجي حيثيت مطابق بي گهر متاثرن کي پنهنجي گهرن ۾ رهائش ڏين معصوم ٻارڙن ۽ پيرسن ماڻهن کي دوائون ۽ علاج لاءِ عهديدار ڪردار ادا ڪن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close