پاڪستانسنڌ

نئون ڪوٽ لڳ ڪپڙا ڌوئيندي 2 ٻارڙيون پاڻي جي کڏ ۾ ٻڏي فوت

نئون ڪوٽ: نئون ڪوٽ لڳ ڳوٺ جنھاڻ جوڻيجا ۾ 2 ڇوڪريون ڪپڙا ڌوئيندي برساتي پاڻي جي کڏي ۾ ڪري فوت ٿي ويو. پير ترڪڻ سبب 13 سالن جي صدوري ڌي نبي بخش ۽ 14 سالن جي ھانيه ڌي عثمان جوڻيجو پاڻي جي کڏي ۾ ڪري پيون، اطلاع تي وارثن ۽ رهواسين پهچي ٻنهي ٻارڙين کي ٻاهر ڪڍيو ۽ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رورل ھيلٿ سينٽر نئون ڪوٽ آندو، جتي ڊاڪٽرن ٻنهي نينگرين جي ٻڏي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، جيڪي گهر کڻائي پهتا ته ڪهرام مچي ويو. هوڏانهن انتظاميا پاران ڳوٺ جنھاڻ ۽ ڀرپاسي مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرايو ويو آهي، جنهن سبب متاثر ماڻهو وڏي مصيبت ۾ آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button