پاڪستانسنڌ

جهنڊو مري ۾ انتظامي نااهلي سبب بيٺل پاڻي ۾ ڀا ڀيڻ ٻڏي فوت

عثمان شاهھ ھڙي: جهنڊو مري ۾ انتظامي نااهلي سبب بيٺل برساتي پاڻي ۾ معصوم ڀا ڀيڻ ٻڏي فوت ٿي ويا. ان سلسلي ۾ جهنڊُو مري تعلقي جي 8 ئي يوسيز سميت سوين ڳوٺن مان انتظاميا برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرايو. جهنڊو مري جي ڳوٺ بلال مري ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري 12 ورهين جو نينگر غلام عباس بروهي ۽ 8 ورهين جي سندس ڀيڻ حنيفه برساتي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا، ڳوٺاڻن ڀا ۽ ڀيڻ جا لاش پاڻي مان ٻاهر ڪڍي گهر آندا ته ڪهرام مچي ويو. سمورو علائقو پاڻي ۾ ٻڏل هجڻ سبب معصوم ڀا ڀيڻ جي تدفين ۾ وارثن کي سخت پريشاني پيش آئي. ياد رهي ته لاڳيتو برساتون پوڻ بعد انتظامي نااهلي سبب اڃا تائين سوين ڳوٺن ۾ برساتي پاڻي بيٺل آهي، جنهن سبب پاڻي ۾ ڌپ ۽ مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي، برساتي پاڻي ۾ ٻڏڻ سبب ڀا ڀيڻ به فوت ٿي ويا، پر انتظاميا پاڻي ڪڍڻ ۽ متاثرن جي مدد لا ڪي به اپا نه ورتا آهن. رهواسين گهر ڪئي ته جلد برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button