
سنڌڙي: سنڌڙي لڳ پورهيت خودڪشي ڪري ڇڏي. ڦلھڏيون ٿاڻي جي حد ڳوٺ آتڻا موري ۾ زميندار ڊاڪٽر نديم آرائين جي زرعي زمين تي پورھيت 55 سالن جي امولک ڪولھي گھرو پريشانين کان تنگ ٿي وڻ ۾ ڦاھو کائي انت آندو، اطلاع تي پوليس پهتي، جنهن لاش وڻ مان لهرائي اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.