پاڪستانسنڌ

خانپورمهر لڳ برساتي پاڻي جي نيڪال تان جهيڙو، نوجوان قتل

خانپورمهر: خانپورمهر ويجهو برساتي پاڻي جي نيڪال تان جهيڙي ۾ نوجوان کي قتل ڪيو ويو، وارثن انصاف لا احتجاج ڪيو. رپورٽ موجب خانپورمهر ٿاڻي جي حد سهانجڙو بوزدار واري علائقي ۾ برساتي پاڻي جي نيڪال جي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ ڳوٺ مانڌل بوزدار واسي نوجوان 25 ورهين جو شاهد پٽ الهوسايو بوزدار گوليون لڳڻ سبب مارجي ويو. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش کڻائي اسپتال پهچايو. هوڏانهن اسپتال ٻاهران نوجوان جي وارثن امير خان بوزدار، مائي زينت، شاهده، زاهد حسين ۽ ٻين اسپتال ٻاهران احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته لنڊ ڌر جي بااثر جوابدارن ناحق اسان جي نوجوان کي قتل ڪيو آهي، اڳ ۾ ئي اسان جو ڳوٺ برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آهي مٿان وري بااثر جوابدار روڊ کي ڪٽ هڻي پنهنجا گهر بچائڻ لاءِ برساتي پاڻي جو نيڪال اسان جي ڳوٺ طرف ڪرڻ چاهين پيا، جن کي روڪيو ته گدا حسين لنڊ، ماڪن لنڊ، خادم لنڊ ۽ ٻين گوليون هڻي نوجوان کي قتل ڪيو. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي. هوڏانهن پوليس ٻڌايو ته واقعو برساتي پاڻي جي نيڪال تان پيش آيو آهي، شروعاتي رپورٽ داخل ڪئي آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button