اسلام آبادپاڪستان

توهين عدالت ۾ نرمي جو مظاهرو ڪندي عمران کي موقعو ڏنو ويو:وفاقي حڪومت

اسلام آباد: قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان خلاف توهين عدالت جي سنگين ڪيس ۾ لارجر بينچ نرمي جو مظاهرو ڪندي کيس هڪ ٻيو موقعو ڏنو آهي. توهين عدالت جي ڪيسن جي ڪيترن ئي فيصلن ۾ چيو ويو آهي ته عدالتن کي عام طور تي توهين عدالت جي ڪيسن ۾ سست رويو اختيار ڪرڻ گهرجي. عمران خان بابت لاڏلي جو تاثر ڏنو ويندو آهي، رياست خلاف ويندڙن کي سختي سان منهن ڏينداسين. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اعظم نذير تارڙ چيو ته توهين عدالت ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ شنوائي ٿي. اسان لاءِ پاڪستان جي عدليا جو احترام اهم آهي، اسان عدالت جي دفاع جي هر اول دستي ۾ موجود هوندا آهيون پر انصاف جو معيار سڀني لاءِ هڪجهڙو هجڻ گهرجي. هن چيو ته طلال چوڌري، دانيال عزيز توهين عدالت ڪيس ۾ نااهل ٿيا، نهال هاشمي جيل ويو. اسلام آباد جي عورت جج بابت نامناسب لفظ استعمال ڪيا ويا آهن ۽ اهي لفظ اهڙي شخص استعمال ڪيا، جيڪو ملڪ جو وزيراعظم رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته آئين جي آرٽيڪل 25 جي روشني ۾ عمران خان تي به ٻين سياستدانن جيان قانون لاڳو ٿيڻ گهرجي. عدالت جي توهين ڪندڙ شخص کي سزا بنا نٿو ڇڏي سگهجي. شوڪت ترين جي مبينا آڊيو بابت اعظم نذير تارڙ چيو ته ملڪي مفاد خلاف ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، اسان شوڪت ترين، محسن لغاري ۽ تيمور جهگڙا جي مبينا آڊيو جي فرانزڪ جو فيصلو ڪيو آهي. رپورٽ اچڻ کانپوءِ قانون موجب ڪارروائي ٿيندي. اڳوڻي ناڻي واري وزير حدون پار ڪيون، ڳالهه بغاوت جي زمري ۾ اچي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن هڪ ڀيرو عدالت توهين عدالت جو ڪيس کڻي وڃي ۽ جنهن شخص توهين ڪئي آهي، ان کي شرم نه ٿو اچي جيڪو هن ڪيو آهي ۽ جرئت سان چوي ٿو ته ها مون اهو چيو آهي ۽ منهنجي نظر ۾ اهو صحيح آهي. پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن به ائين نه ٿيو آهي ته اهڙي شخص کي عدالت کان بغير سزا جي آزاد ڪيو ويو هجي. پاڪستاني مفاد خلاف ڳالهيون ڪندڙن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button