اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

بجلي 4 رپيا 34 پئسا مهانگي،35 ارب رُپين کان وڌيڪ بار پوندو

اسلام آباد :نيپرا بجلي جي اگهن ۾ ٻيهر وڏي واڌ ڪندي 4 رپيا 34 پئسا مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. خبرموجب هڪ دفعو ٻيهر مهانگائي جي ستايل عوام مٿان بجلي جو بم ڪيرائي ويو آهي. نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) بجلي جي في يونٽ اگهه ۾ وڏي واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب جو چوڻ آهي ته سي سي پي اي بجلي اگهن ۾ 4 رپيا 68 پئسا واڌ جي درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن تي عمل ڪندي نيپرا بجلي جي قيمت ۾ 4 رپيا 34 پئسا واڌ ڪري ڇڏي. اگهن ۾ واڌ جي منظوري جولاءِ جي ماهوار فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ ڏني وئي آهي. اختيارين جو اهو چوڻ آهي ته آر ايل اين جي جي کوٽ سبب 5 ارب 93 ڪروڙ جو نقصان ٿيو. سسٽم ۾ خرابين سبب 46 ڪروڙ کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته بجلي جي اگهن ۾ واڌ سان واهپيدارن تي 35 ارب رُپين کان وڌيڪ بار پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button