اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

زميني رستي ڀارت مان کاڌي واريون شيون آڻڻ جي اجازت گهري آهي:مفتاح اسماعيل

اسلام آباد:ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته سپلاءِ ۽ کوٽ جي صورتحال کي ڏسندي ڀارت مان کاڌي پيتي وارين شين بابت فيصلو ڪنداسين. ناڻي واري وفاقي وزير پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته هڪ کان وڌيڪ عالمي ايجنسين حڪومت سان رابطو ڪيو آهي، ايجنسين زميني رستي سان ڀارت مان کاڌي پيتي واريون شيون آڻڻ جي اجازت گهري آهي. مفتاح اسماعيل چيو ته سپلاءِ ۽ کوٽ جي صورتحال کي ڏسندي حڪومت اتحادين ۽ اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشورو ڪري ڀارت مان فوڊ آئٽمز گهرائڻ جو فيصلو ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button