اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

ڪابينا ٽماٽن ۽ بصر جي درآمد تي ٽيڪس ڇوٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: وفاقي ڪابينا ٽماٽن ۽ بصر جي درآمد تي ٽيڪس ڇوٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايڪسپريس نيوز موجب وفاقي ڪابينا ايف بي آر پاران سرڪيوليشن ذريعي بصر ۽ ٽماٽن جي درآمد تي ٽيڪس ڇوٽ جي سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي. جڏهن ته ڀارت مان ٽماٽر ۽ بصر درآمد ڪرڻ جو ڪو به فيصلو نه ڪيو ويو. ڪابينا طرفان بصر ۽ ٽماٽن تي ٽيڪس ڇوٽ ۾ 31 ڊسمبر 2022 تائين واڌ ڪئي ويندي. ان ڏس ۾ واپار واري وزير نويد قمر جو چوڻ آهي ته ڀاڄين جي اگهن ۾ واڌ سبب مارڪيٽ تي دٻاءُ آهي. قيمتون مستحڪم ڪرڻ لاءِ ٻن ملڪن مان ٽماٽا ۽ بصر درآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، ٽيڪس کانسواءِ ڀاڄين جي اگهن ۾ واڌ جي اجازت ڏني وئي آهي. واپار واري وزير چيو ته ايران ۽ افغانستان مان درآمد خانگي شعبو ڪيو ويندو جنهن ۾ حڪومت سهولتڪاري وارو ڪردار ادا ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت مان امپورٽ جا مسئلا آهن، سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشوري کانپوءِ فيصلو ڪيو ويندو ۽ اهو به ڏٺو ويندو ته پرڏيهي پاليسي تي ڪهڙا اثر پوندا. ياد رهي ته ملڪ جي چئني صوبن ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب تيار فصل ۽ زرعي زمينون مڪمل طور تي تباهه ٿي ويون آهن، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ ڀاڄين ۽ خاص ڪري پياز ۽ ٽماٽن جي کوٽ جو خدشو آهي. ان خدشي کي نظر ۾ رکندي واپار واري وزارت افغانستان سميت ٻين ملڪن مان ٽماٽا ۽ بصر درآمد ڪرڻ جي اجازت ڏيندي چيو آهي ته اهو فيصلو تازو برساتن سبب ڀاڄين جي پيداوار تي اثرانداز ٿيڻ ۽ مارڪيٽ ۾ کوٽ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي. واپار واري وزارت پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ٻوڏ ۽ برساتن سبب بصر ۽ ٽماٽي جو فصل تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي، جنهن سبب ايندڙ ٽن مهينن تائين ٽماٽن ۽ بصر جي کوٽ رهندي. ٻئي طرف ملڪ ۾ بصر ۽ ٽماٽن جي دستيابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت جو اجلاس به طلب ڪيو ويو آهي. فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت جي ذريعن موجب اجلاس ۾ ٽماٽن ۽ بصر جي دستيابي ۽ درآمد جو جائزو ورتو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button