اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

مهانگائي جو 49 سالن جو رڪارڊ ُٽٽي ويو،آگسٽ ۾ 29 سيڪڙو اضافو

اسلام آباد: ملڪ ۾ مهانگائي جو 49 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي. آگسٽ مهيني ۾ 29 سيڪڙو اضافو ٿيو. 1975 کانپوءِ پهريون ڀيرو مهانگائي جي ساليانو شرح 27 ڏهائي 3 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي. تفصيل موجب ان کان اڳ ٻه هزار اٺ ۾ مهانگائي جي شرح 25 ڏهائي 3 سيڪڙو تائين پهتي هئي، جنهن کانپوءِ تازو آگسٽ 2022 ۾ مهانگائي جي شرح 27 ڏهائي 3 سيڪڙو ٿي وئي آهي جيڪا آگسٽ 2021 ۾ 8 ڏهائي 3 سيڪڙو هئي. آگسٽ 2022 ۾ شهري علائقن کان وڌيڪ مهانگائي ڳوٺاڻن علائقن ۾ رهي آهي. وفاقي شماريات کاتي جي انگن اکرن موجب ڳوٺاڻن علائقن ۾ مهانگائي جي شرح 28 ڏهائي 8 سيڪڙو رهي آهي. جڏهن ته شهري علائقن ۾ مهانگائي جي شرح 26 ڏهائي 2 سيڪڙو رهي آهي. آگسٽ جي دوران ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 2 ڏهائي 4 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، جنهن سبب ملڪ ۾ مهانگائي جو 49 سالن جو رڪارڊ پڻ ٽٽي چڪو آهي. وفاقي شماريات کاتي موجب گذريل مهيني مڱن جي دال 15 ڏهائي 25 سيڪڙو، سبزيون 13 ڏهائي 44 سيڪڙو مهانگيون ٿيون. جڏهن ته فروٽ 20 سيڪڙو، مرغي 11 ڏهائي 54 سيڪڙو ۽ موٽر فيول 2 ڏهائي 60 سيڪڙو سستو ٿيا. گذريل مهيني دوران دال ماش 12 ڏهائي 47 سيڪڙو، مهري دال جو اگهه 11 ڏهائي 76 سيڪڙو، چڻن جي دال 6 سيڪڙو، بيضا 7 ڏهائي 53 سيڪڙو ۽ بيسڻ ساڍا 6 سيڪڙو مهانگا ٿيا. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هڪ مهيني ۾ آلو 5 سيڪڙو، ڪوڪنگ آئل جو اگهه اڍائي سيڪڙو وڌي ويا. آگسٽ ۾ بجلي 19 ڏهائي 73 سيڪڙو مهانگي ٿي. جڏهن ته ان وچ ۾ ريڊي ميڊ گارمينٽس 8 سيڪڙو ۽ اڏاوتي سامان ساڍا 7 سيڪڙو مهانگا ٿيا. شماريات کاتي موجب هڪ سال ۾ بجلي 123 سيڪڙو ۽ پيٽرول 84 سيڪڙو مهانگا ٿيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button