اسلام آبادپاڪستانسنڌ

64 لک ٻوڏ متاثرن کي انساني امداد جي سخت ضرورت آهي:ڊبليو ايڇ او

اسلام آباد : صحت واري عالمي اداري پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته برساتن سان آيل ٻوڏ سبب سڄي ملڪ جا 154 مان 116 ضلعا متاثر ٿيا. جڏهن ته صحت جي گهٽ ۾ گهٽ 888 مرڪزن کي نقصان ٿيو. ميڊيا رپورٽ مطابق عالمي صحت واري اداري جي هن رپورٽ ۾ چيو ويو ته ٻوڏ ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ 15 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا. ڊبليو ايڇ او وڌيڪ چيو ته 3 ڪروڙ 30 لکن کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن، انهن مان 64 لک ماڻهن کي انساني امداد جي سخت ضرورت آهي. جن ۾ ٻوڏ سان بي گهر ٿيندڙ 4 لک 21 هزار ماڻهو به شامل آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو ته 28 آگسٽ تائين پاڪستان ۾ صحت جي 888 مرڪزن کي نقصان ٿيو آهي جن مان 180 مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪا آهن. پاڪستان پهريان ئي ڪرونا سميت ٻين ڪيترن ئي بيمارين سان وڙهي رهيو آهي. صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ رڪاوٽ ٿي ته موجوده صورتحال ۾ بيماري جي پکيڙ ۾ وڏو اضافو ٿيندو. رپورٽ ۾ چيو ويو ته پاڪستان ۾ ڊائريا، ڊينگي بخار، مليريا، پوليو ۽ ڪرونا جهڙيون بيماريون وڌي ويون آهن. هي واڌ خاص طور تي متاثرن جي ڪئمپن ۽ انهن علائقن ۾ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي جتي پاڻي ۽ صفائي جي سهولتن کي نقصان رسيو آهي. ڊبليو ايڇ او متاثر ضلعن ۾ موبائيل ميڊيڪل ڪئمپ به فراهم ڪري ڇڏيا آهن، جتي صاف پاڻي تائين پهچ کي يقيني بنائڻ لاءِ 17 لک ايڪوا ٽيب فراهم ڪيا ويا آهن ۽ ڪيترن ئي بيمارين جي نمونن جي ڪلينيڪل جاچ کي يقيني بنائڻ لاءِ نمونا جمع ڪرائڻ جون ڪٽون فراهم ڪيون ويون آهن. بي بي سي سان ڳالهائيندي پاڪستانين برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر انهن ٻوڏن کي موسمي تبديلي سان ڳنڍيو. هن چيو ته بظاهر جيڪي سبب نظر اچي رهيا آهن، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته موسمي تبديلي جي اثرن جي هي سطح غير معمولي آهي. هي صرف هڪ مون سون جي موسم نه آهي، هي ان کان وڌيڪ آهي ۽ مون کي لڳي ٿو ته هي ماحولياتي تباهي جو دور آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button