اسلام آبادپاڪستان

ميجر جنرل رٽائرڊ عامر باجوا جي پي ٽي اي چيئرمين طور مقرري چئلينج

اسلام آباد : ميجر جنرل رٽائرڊ عامر عظيم باجوا جي بطور چيئرمين پي ٽي اي مقرري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪئي وئي آهي. جسٽس محسن اختر ڪياني درخواست تي ڌرين کي جواب لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. خميس تي درخواست ۾ چيو ويو ته عامر عظيم باجوا چيئرمين پي ٽي اي کان پهريان رياستي ٽيليڪام اداري جو سربراهه رهي چڪو آهي. هڪ رياستي ٽيليڪام اداري جي اڳوڻي سربراهه جي ريگيوليٽري باڊي جو چيئرمين مقرري سان مفادن جو ٽڪراءُ پيدا ٿئي ٿو. قانون ٽيليڪام اداري جي اڳوڻي سربراهه کي چيئرمين پي ٽي اي مقرر ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏي. درخواست ۾ چيو ويو ته سپريم ڪورٽ به هڪ اڳوڻي چيئرمين پي ٽي اي کي انهيءَ بنياد تي عهدي تان هٽائڻ جو فيصلو ٻڌايو هو. عدالت عامر عظيم باجوا جي بطور چيئرمين پي ٽي اي جي مقرري جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏي. درخواست ۾ وفاقي حڪومت، آئي ٽي وزارت، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن، وزيراعظم پي ٽي اي ۽ عامر عظيم باجوا کي ڌر بڻايو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button