پاڪستانسنڌ

ڪراچي کان ملڪ اندر ٽرين آپريشن وڌيڪ ٽن ڏينهن لاءِ بند

ڪراچي : سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي سڄي ملڪ جو ٽرين آپريشن به معطل آهي، جنهن سبب ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن به ويران نظر اچي رهي آهي. پاڪستان ريلوي آفيسرن مطابق جيستائين ٽريڪ تان پاڻي مڪمل طور تي صاف نه ٿيندو. ٽرين سروس بحال نه ٿيندي. ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪراچي جو ملڪ اندر ٽرين رابطو 26 آگسٽ کان ڪٽيل آهي. ٽنڊوآدم کان روهڙي تائين ڪيترن ئي هنڌن تي ريلوي ٽريڪ پاڻي ۾ ٻڏل آهي. ڪراچي کان ملڪ اندر ٽرين آپريشن وڌيڪ ٽن ڏينهن لاءِ معطل رهندو. ڪراچي کان روهڙي تائين سنگل لائن ڪارگو ٽرين آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. روهڙي کان نوابشاهه تائين ڊائون ٽريڪ اڃا تائين ٽرين آپريشن لاءِ مرمت ناهي ٿي، پڊعيدن ريلوي اسٽيشن کان ڀريا روڊ تائين ريلوي ٽريڪ تي 7 انچ کان مٿي پاڻي موجود آهي. ذريعن مطابق دوڙ ۽ ٻانڌي وچ ۾ ريلوي ٽريڪ تي 5 انچ تائين پاڻي بيٺل آهي. جڏهن ته بوڇري ريلوي يارڊ کان 4 ڪلوميٽر تائين ريلوي ٽريڪ پاڻي هيٺ آهي. تازن اطلاعن مطابق بپڇري کان نوابشاهه تائين ڪيترن ئي هنڌن تي ريلوي ٽريڪ تي 15 انچ کان وڌيڪ پاڻي موجود آهي. ان کان سواءِ ٽنڊوآدم کان روهڙي تائين ٽريڪ ۽ ڀرپاسي جو علائقو ٻڏل آهي ۽ سگنل سسٽم به ڪم نه پيو ڪري. ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن تي مسافر ۽ ٽرين جو نظام معطل هئڻ سبب ڪم ڪندڙ پورهيت قلي ڪم نه ملڻ جي ڪري سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن. پاڪستان ريلوي مطابق جيستائين ٽريڪ تان پاڻي مڪمل طور تي صاف نه ٿي ويندو، ٽرين سروس بحال نه ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button