عالمي

عظيم انقلابي ليڊر چي گويرا جو پٽ ڪاميلو گويرا لاڏاڻو ڪري ويو

هوانا :عظيم مارڪسسٽ انقلابي اڳواڻ ارنيسٽو چي گويرا جو پٽ ڪاميلو گويرا سٺ ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. ڪيوبن اختيارين موجب ڪاميلو جو موت دل بيهڻ سبب ٿيو. ڪاميلو گويرا پنهنجي حياتي، فيڊل ڪاسٽرو سان گڏ ڪيوبا جي انقلاب لاءِ وڙهندڙ ڪامريڊ چي گويرا جي دستاويزن کي سهيڙڻ لاءِ ارپي ڇڏي هئي. ڪاميلو گويرا، چي گويرا جي ٻي گهرواري جي چئن ٻارن مان ٻئي نمبر تي هو. جڏهن ته هو ڪيوبا جي گادي واري شهر ۾ سينٽر آف چي گويرا اسٽڊيز جو سربراهه جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيو هو. ڪيوبن اختيارين موجب چي گويرا جي پٽ ڪاميلو گويرا وينزويلا جي گادي واري شهر جي سياحتي دوري تي ويل هو، جتي دل بيهڻ ڪري فوت ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button