اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

بصر ۽ ٽماٽا ٻاهران گهرائڻ تي 31 ڊسمبر تائين ٽيڪس ختم

اسلام آباد :حڪومت ٻوڏ سان ٿيل تباهي دوران کوٽ کي گهٽائڻ لاءِ ٽماٽا ۽ بصر ٻاهران گهرائڻ تي ٽيڪس ۾ ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي، جيڪا 31 ڊسمبر 2022 تائين هوندي. بصر ۽ ٽماٽر ٻاهران گهرائڻ تي سيلز ٽيڪس ۽ وڌ هولڊنگ ٽيڪس جي ڇوٽ ڏني وئي. وفاقي ڪابينا پاران سمري منظور ٿيڻ کان پوءِ فيڊرل بورڊ آف روينيو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. سمري مطابق هاڻوڪين برساتن سان ٿيندڙ فصلن جي تباهي کي نظر ۾رکندي مقامي مارڪيٽ ۾زرعي جنسن خاص ڪري بصر ۽ ٽماٽر جي دستيابي يقيني بنائڻ جي فوري ضرورت آهي. امپورٽ وڌائڻ سان انهن شين جي کوٽ پوري ڪري سگهجي ٿي، تنهنڪري واپار واري وزارت قيمتن کي مستحقم ڪرڻ لاءِ انهن شين تي ٽيڪس واپس وٺڻ جي تجويز ڏني. مون سون برساتن ۽ ٻوڏ جي ڪري کاڌي پيتي جي قيمتن ۾ به گهڻو اضافو ٿيو. خاص ڪري بصر ۽ ٽماٽر جي قيمتن ۾ گهڻو فرق نظر آيو، جنهن سبب کوڙ ساريون شيون غريب عوام جي پهچ کان نڪري ويون آهن. مفتاح اسماعيل موجب بصر جي اگهه ۾ پنجوڻ اضافو ٿيو آهي، حڪومت کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ پاليسين تي تيزي سان عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جنهن ۾ ڀارت مان گهرائڻ تي به غور شامل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button