روهڙي: صالح پٽ ٿاڻي جي حد آرڊي 71 واري علائقي ۾ پرڻيل عورت 3 ٻارڙن جي ماءُ 23 سالن جي حميدان زال عمران شيخ ڳچيءَ ۾ رئو وجھي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو. اطلاع تي صالح پٽ پوليس پهچي عورت جو لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال روهڙي پهچايو، جتي فوتي عورت جي پيءُ واحد بخش جي اڳواڻي ۾ وارثن تعلقه اسپتال جي مک گيٽ اڳيان لاش رکي احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته ڌي کي عيوضو گهرڻ تان سندس مڙس عمران شيخ، سھري ۽ ڏيرن گھٽا ڏئي قتل ڪيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته نياڻي کي قتل ڪندڙ مڙس، سھري ۽ ڏيرن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close