وفاقي حڪومت هاڻوڪي برساتن ۽ ٻوڏ سبب ملڪ ۾ زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ کي پهتل شروعاتي نقصان جو ڪاٿو هڪ هزار 42 ارب رپيا لڳايو آهي، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ سنڌ ۾ 427 ارب رپيا نقصان پهتو آهي، ٻئي پاسي لکين جانور ٻوڏ جي وهڪرن جي ور چڙهڻ ڪري سڄي ملڪ ۾ گوشت ۽ کير جو وڏو بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي. سرڪاري انگن اکرن مطابق هاڻوڪي مينهن ۽ ٻوڏ واري صورتحال ۾ سنڌ اندر زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبن ۾ 427 ارب رپيا نقصان، پنجاب ۾ 196 ارب، بلوچستان 83 ارب ۽ خيبر پختونخوا ۾ 21 ارب رپيا نقصان ٿيو آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪپهه جي فصلن کي پهتل نقصان جو ڪاٿو 425 ارب رپيا، چانورن کي 121 ارب رپيا نقصان ۽ ڀاڄين جي پوک کي 72 ارب رپين جو ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. هوڏانهن لکين جانور ٻوڏ جي پاڻي ۾ لڙهڻ ۽ مرڻ سبب گوشت ۽ کير مان ٺهندڙ شين جي وڏي کوٽ پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي. هڪ اندازي موجب سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ 7 لک کان وڌيڪ ڍور مري ويا آهن. سرڪاري انگن اکرن مطابق ملڪ جي مجموعي پيداوار (جي ڊي پي) ۾ لائيو اسٽاڪ جو حصو 14 سيڪڙو آهي. ڊيري فارمنگ ايسوسيئيشن موجب هن وقت پاڪستان ۾ 8 ڪروڙ کان وڌيڪ ڳئون ۽ مينهون آهن، جن جي ماليت 16 هزار ارب کان وڌيڪ ٿئي ٿي ۽ هي ملڪ جو قيمتي سرمايو آهن، جن ذريعي روزانو 13 ڪروڙ ليٽر کير فراهم ٿئي ٿو، جنهن جي روزاني ماليت 13 ارب رپيا ۽ ساليانو 4 هزار 745 ارب رپيا ٿئي ٿي پر هڪ ٻئي پٺيان آفتون اچڻ ڪري ڍور ڍڳن جي تعداد ۾ وڏي گهٽتائي ٿي چڪي آهي، جنهن سبب ملڪ ۾ گوشت، کير ۽ کير مان ٺهندڙ شين جو مستقبل ۾ بحران پيدا ٿي سگهي ٿو. اين ڊي ايم اي موجب بلوچستان صوبي ۾ سڀ کان وڌيڪ 5 لک ڍور، پنجاب ۾ 2 لک کان وڌيڪ، سنڌ ۾ 15 هزار مينهون، ڳئون، ٻڪريون ۽ رڍون، جڏهن ته پختونخوا ۾ 1200 کان وڌيڪ ڍور ٻوڏ جي ور چڙهي چڪا آهن، باقي جن علائقن ۾ ٻوڏ جي صورتحال خطرناڪ آهي اتان انگ اکر ملي نه سگهيا آهن تنهن ڪري ان ڳالهه جا پڻ امڪان آهن ته حياتيون وڃائيندڙ ڍورن جو انگ اڃا به وڌيڪ ٿي سگهي ٿو. جانورن جو وڏو تعداد پاڻي ۾ لڙهڻ ڪري مال پڙيون به ويران ٿيڻ لڳيون آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close