اسلام آباد: وزيراعظم طرفان بجلي استعمال ڪندڙ صارفين لاءِ فيول چارج ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ اعلان ڪيل رليف جو عمل شروع ٿي ويو آهي. توانائي واري وزارت ان حوالي سان باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ مطابق وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي گهٽ بجلي استعمال ڪندڙ صارفين کي رليف جي فراهمي جي حوالي سان توانائي واري وزارت طرفان باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن مطابق 300 ۽ ان کان به گهٽ يونٽ استعمال ڪندڙ صارفين کان بجلي جي بلن ۾ فيول چارج ايڊجسٽمينٽ وصول نه ڪئي ويندي. آگسٽ جي مهيني جي بلن ۾ فيول چارج ايڊجسٽمينٽ کي شامل ڪيو ويو هو، جنهن تي شهرين احتجاج ڪيو هو. وزيراعظم جي هدايت تي نون بلن جي ادائگي جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. بل جي آخري تايخ م پڻ واڌ ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته جيڪي شهري بل ادا ڪري چڪا آهن، انهن جي ايندڙ مهيني بجلي بلن مان ادا ٿيل رقم گهٽ ڪئي ويندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close