اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا وڌيڪ 10 ماڻهن جون حياتيون کسي ورتيون،658 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي 10 مريض فوت ٿي ويا آهن، جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 28 هزار 439 ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪرونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 12 لک 72 هزار 345 ٿي ويو آهي. ڪالهه نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 658 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا. پنجاب ۾ 4 لک 40 هزار 3، سنڌ ۾ 4 لک 475، خيبرپختونخوا ۾ هڪ لک 77 هزار 889، بلوچستان ۾ 33 هزار 244، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 390، اسلام آباد ۾ هڪ لک 6 هزار 874 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 34 هزار 470 ڪيسز رپورٽ ٿيا. سموري ملڪ ۾ هينئر تائين 2 ڪروڙ 7 لک 50 هزار 978 ڄڻن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 45 هزار 690 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 12 لک 20 هزار 941 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جڏهن ته هڪ هزار 364 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ملڪ ۾ ڪرونا وگهي هڪ ڏينهن دوران 10 ڄڻا فوت ٿيا جنهن کان پوءِ موذي وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 28 هزار 439 ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button