پاڪستانسنڌ

خيرپور ۾ ٻارن جي ڳالهه تان جهيڙو، فائرنگ، رٽائرڊ ٽريفڪ اهلڪار قتل

خيرپور: خيرپور ۾ رٽائٔرڊ ٽريفڪ اھلڪار قتل خبر موجب اي سيڪشن ٿاڻي فيض آباد ڪالوني ۾ ٻارڙن جي معمولي ڳالھه تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنھن بعد ممتاز عرف لالو جسڪاڻي گھران ڪلاشنڪوف کڻي اچي رٽائرڊ ٽريفڪ پوليس اھلڪار ظھير مخدومي جي گھر تي سڌي فائرنگ ڪري ڏني، جنھن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب گھرڌڻي ظھير مخدومي سخت زخمي ٿي پيو. اطلاع ملڻ بعد اي سيڪشن پوليس پھچي زخمي کي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو، جتي زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو. جڏهن ته لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻي طرف جوابدار فرار ٿي ويو. هوڏانهن جھيڙي کي ٽارڻ لاءِ پوليس علائقي ۾ پڪٽ قائم ڪري ورتي آهي ۽ جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آھي. جڏهن ته علائقي ۾ خوف ڇانيل آهي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button