سنڌ

مورو ۾ گهر تي حملي ۽ تشدد خلاف ڳوٺاڻن جو مظاهرو

مورو: مورو ويجھو ديهھ وارياسو جي ڳوٺ پيارو خان لانگاهھ جي رھواسي گڏھه گاڏو هلائيندڙ عبدالخالق لانگاھه پنھنجي امڙ رخسانه ۽ ڀينرن حاڪم زادي ۽ شاھدا پروين سان گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ھن چيو ته اسان ابن ڏاڏن کان ھڪ سرڪاري پلاٽ تي ويٺل آھيون، جنھن تي ھاڻي ڳوٺ جا بااثر ماڻھو قبضو ڪرڻ چاھين ٿا ۽ انھن آفيسرن عملي سان ملي ڀڳت ڪري ڪوڙا ڪاغذ ٺهرائي ڇڏيا آھن ۽ اسان کي گھر خالي ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آھن، جنھن بعد درس ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي آھي، جنھن تي بااثر غلام عباس، يار محمد ۽ وقار لانگاھ گھر تي حملو ڪري اسان کي يرغمال بڻائي تشدد ڪيو آھي، جوابدار گھر خالي نه ڪرڻ تان موتمار ڌمڪيون ڏنيون آهن. هنن اختيارين کان تحفظ جي اپيل ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button