
نوابشاھه: پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي نوابشاهھ جي شاگردياڻي پروين رند کي حراسان ڪرڻ واري ڪيس ۾ نامزد ڪيل مک جوابدار ڊائريڪٽر نرسنگ غلام مصطفيٰ راجپوت عبوري ضمانت ڪرائڻ جي لاءِ ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج حافظ عطاالله شيخ جي عدالت ۾ پيش ٿيو. جڏھن ته شاگردياڻي پروين رند به عدالت ۾ پيش ٿي. عدالت ۾ شاگردياڻي جي وڪيل عبدالحفيظ کوسو ۽ جوابدار غلام مصطفي راجپوت جي وڪيل شاھد خانزاده عدالت ۾ پنھنجا پنھنجا دليل ڏنا. عدالت ٻنھي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدار مصطفيٰ راجپوت جي ضمانت رد ڪري ڇڏي، جنهن کان پو جوابدار فرار ٿي ويو. شاگردياڻي پروين رند عدالت ٻاھران صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته جوابدار جي ضمانت رد ڪري عدالت مون سان انصاف ڪيو آهي، پر پوليس جوابدار کي گرفتار نه ڪيو آهي، هاڻي ها ڪورٽ ۾ هٿڪڙيون هڻي پيش ٿينديس، جيڪڏهن جوابدار ايڏو بااثر آهي ته مون کي گرفتار ڪري جيل موڪليو وڃي، ڪنهن به صورت ۾ ٺاهه نه ڪنديس.