پاڪستانسنڌ

نئون ديرو ۾ پي آئي اي جي برطرف ملازمن جو احتجاج

نئون ديرو: پي آئي اي مان جبري برطرف ملازمن ڳڙھي خدابخش ڀٽو ۾ پي آئي جي انتظاميا خلاف احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري احتجاج ڪري علامتي بک ھڙتال ڪئي. ان موقعي تي سکيو خان رند، عبدالرب پيرزادو، زاهد حسين ڀٽي، خالد پيرزادو، ممتاز پيرزادو، بشير مشوري، عاشق حسين زرداري، محمد علي چانڊيو، جاويد احمد ۽ محمد عدنان جي اڳواڻي ۾ برطرف ملامن بحالي لا نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته 2 سال اڳ عمران حڪومت 1924 ملازمن کي وي ايس ايس طور جبري طور هٽايو، جنهن ۾ 1200 سنڌ جا ملازم شامل آهن، مختلف طريقن سان ملازمن کي حراسان ڪري رٽائرمينٽ وٺڻ تي مجبور ڪيو ويو. وفاقي وزير خواجه سعد رفيق ۽ وزيراعظم شهباز شريف تائين پنهنجو چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪيو آهي. پر ڪو به نوٽيس نٿو ورتو وڃي، سنڌ جا 500 ملازم بحال ٿيڻ چاهين ٿا. پي ايم ڊي سي جا برطرف ملازم بحال ٿي سگهن ٿا ته اسان ڇو بحال نٿا ٿي سگهون. هنن پ پ قيادت کان گهر ڪئي ته اسان کي بحال ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button