پاڪستانسنڌ

باقراڻي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف جسقم جو احتجاجي مظاهرو

باقراڻي: باقراڻي ۾ جسقم باقراڻي پاران باقراڻي شهر سميت سموري تعلقي ۾ وڌندڙ بدامنيء خلاف پريس ڪلب باقراڻي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي جسقم اڳواڻ رڪ سنڌي، الله بخش چانڊيو، صفر چانڊيو، عامر چانڊيو، علي شير ۽ ٻين چيو ته باقراڻي تعلقي سميت شهر ۾ چوريون ڌاڙا ۽ ڦرون روز جو معمول بڻيل آهن، پوليس سياسي ڀوتارن جي ڪمداري ۾ رڌل آهي. هنن ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته تعلقي سميت شهر مان بدامني ختم ڪري عوام مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button