پاڪستانسنڌ

لاڙڪاڻي جي ايس ايس پي جو ضلعي ۾ بدامني وڌڻ جو اعتراف

لاڙڪاڻو: ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران خان پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته لاڙڪاڻو ملڪ جو اهم ضلعو آهي، جنهن ڪري جتي امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ ۽ ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ پوليس ۾ ماڻهن جون وڌيڪ اميدون هونديون آهن. هن چيو ته بلڪل ڪجهه هفتن کان لاڙڪاڻي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ناهي، تنهن ڪري جنهن کي اسان بهتر ڪري رهيا آهيون، ان لاءِ ضلعي پوليس کي سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي سنڌ جي ڀرپور مدد حاصل آهي، تمام جلد امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻايو ويندو. هن چيو ته پوليس جو ڪم ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻ آهي، ان لاءِ سرگرم ڏوهارين جا تفصيل گڏ ڪري ڪارروايون شروع ڪيون آهن ۽ آءُ پاڻ پوليس نفري جي مقرري سميت ٻين معاملن جي نگراني ڪري رهيو آهيان، گڏوگڏ ڪاررواين ۽ آپريشن لاءِ ٽيمون به جوڙي ڇڏيون آهن. تمام جلد سرگرم ڏوهارين کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ ايس ايس پي چيو ته فرنچائيز واري واقعي کانپوءِ مون پاڻ پهچي تفصيل وٺي شاهديون گڏ ڪيون، اناج منڊي ۾ به واپاري کان به ڦر جو واقعو پيش آيو، ٻنهي واقعن جي آءُ پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان، سيپٽمبر ۾ 20 کان وڌيڪ ڦر جا واقعا ٿيا ۽ هن مهيني صرف هڪ هفتي اندر ڦر جون ٻه وڏيون وارداتون ٿيون آهن. ذاتي جهيڙن، زيادتي، قتل ۽ ٻين ڏوهن جي ڪري غلط ايف آءِ آر ۾ بيگناهه ماڻهن جا نالا ڏنا ويندا آهن، ان لاءِ پوليس کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته جيئن ڪنهن به بيگناهه جو نالو آيف آءِ آر ۾ داخل نه ٿئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button