پاڪستانسنڌ

لاڙڪاڻي ۾ واپاري ۽ فرنچائيز ملازم کان 55 لک رپيا ڦر

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي ۾ بدامني وڌي وئي. هڪ ڏينهن اندر شهر ۾ واپاري ۽ موبائل فرنچائيز جي ملازم کان 55 لک رپيا ڦر ڪيا ويا. رپورٽ موجب لاڙڪاڻي شهر جي مصروف ترين مارڪيٽ ٿاڻي جي حد پاڪستاني چوڪ واري علائقي ۾ 2 نامعلوم موٽرسائيڪل سوار ڦورو موبيلنڪ فرنچائيز جي ملازم ارباب مگسي کان هٿيارن جي زور تي 25 لک 23 هزار رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع باوجود پوليس دير سان پهچي تفصيل وٺي جاچ شروع ڪئي. ٻئي پاسي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد پراڻي اناج منڊي واري علائقي ۾ 3 نامعلوم موٽرسائيڪل سوار هٿياربند ڏوڪري شهر جي کوکر پاڙي جي رهواسي کنڊ ۽ گيهھ جي واپاري منور علي کوکر کان هٿيارن جي زور تي 30 لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا، متاثر واپاري ٿاڻي تي اطلاع ڏنو، پوليس پهچي تفصيل ورتا. ان حوالي سان فرنچائيز ملازم ارباب علي مگسي ٻڌايو ته صبح جي وقت فرنچائيز تان 25 لک 23 هزار رپيا کڻي وڃي رهيو هئس ته پاڪستاني چوڪ وٽ موٽرسائيڪل سوار 3 هٿياربند سمورا پئسا ڦر ڪري فرار ٿي ويا. هوڏانهن ڏوڪري جي متاثر واپاري منور کوکر ٻڌايو ته پنهنجي ڀائيٽي سان گڏ پئسا هڪ دڪان تان کڻي وڃي رهيو هئس ته ٿوري مفاصلي تي موٽرسائيڪل سوار 3 هٿياربند پئسا ڦري ويا. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ڦر ڪيل پئسا واپس ڪرائي ڦورن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڊاڪٽر محمد عمران ٻڌايو ته ٻنهي واقعن جي جاچ لاءِ ڊي ايس پي حيدري جي اڳواڻيءَ ۾ ٽيم جوڙي ڇڏي آهي، جنهن ۾ ايس ايڇ او مارڪيٽ، انچارج سي سي ٽي وي ۽ ٽيڪنيڪل عملو شامل آهي، جلد ملوث ڏوهارين کي گرفتار ڪري ڦر ڪيل روڪ رقم واپس ڪرائي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button