پاڪستانسنڌ

اسلام ڪوٽ لڳ گهر تي حملو، نوجوان گوليون هڻي قتل، 5 ڄڻا زخمي

مٺي/ اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ ڀرسان پلاٽ جي پراڻي تڪرار تان بااثر ڌر جي هٿياربندن اوچتو حملو ڪري هڪ نوجوان کي گولين هڻي قتل ۽ 5 ماڻهن کي زخمي ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب اسلام ڪوٽ ويجهو جهن ٿاڻي جي حد ڳوٺ سينهار نانگڙ ۾ پلاٽ جي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان هڪ ڌر هٿياربندن سان گڏ گهر تي حملو ڪري پورهيتن مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، گوليون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو 25 ورهين جو نوجوان نظر محمد نهڙيو موقعي تي قتل ٿي ويو، 5 ماڻهو توڳاچي نهڙيو، الله ورايو نھڙيو، منٺار نهڙيو، جبار نهڙيو ۽ رياض نهڙيو زخمي ٿي پيا، اطلاع تي جهن پوليس پهچي لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال آندو. هوڏانهن متاثر ڌر موجب ٺيڪيدار شوڪت ۽ نورو نهڙيو وارن پلاٽ جي معمولي تڪرار تان خطرناڪ ڏوهاري گهرائي اسان مٿان رات جي اونداهي ۾ حملو ڪري نوجوان کي قتل ۽ 5 ڄڻن کي زخمي ڪيو. هنن گهر ڪئي ته ڪارروائي ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻئي پاسي نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. واضع رهي ته شوڪت لاکو ساڳي هٿياربندن سان گڏجي 4 ڏينهن اڳ عزيز ساهڙ جي گهر تي حملو ڪري عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد بعد کين گهرن مان بيدخل ڪيو ۽ هٿياربند فائرنگ ڪري گهر تي قبضو ڪري ويٺل هئا، جن ڳوٺ وٺي وڃي حملو ڪيو، شوڪت کي بااثر سياسي ڌر جي مڪمل سرپرستي حاصل آھي. ٻئي طرف شوڪت نهڙيو سان بار بار ڪوششن باوجود رابطو ٿي نه سگهيو. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي جهن ٿاڻي جي ايس ايڇ او رفيق ٻٻر ٻُڌايو ته واقعو پلاٽ جي مالڪي تان ٿيو آهي، جنهن ۾ هڪ ڄڻو قتل ۽ پنج ڄڻا زخمي ٿيا آهن، اسان مقتول جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال آندو آهي، حملو ڪندڙ سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري وارثن سان انصاف ڪيو ويندو. ٻئي پاسي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي. الزام هيٺ آيل ٺيڪيدار شوڪت فون تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مون مٿان لڳايل الزام غلط آھن، آئون واقعي واري وقت ڳوٺ سرزمين تي موجود ئي نه هئس ۽ ٻئي ڌريون پاڻ ۾ مائٽ آھن، جن فائرنگ ڪئي ۽ ٻاهران هٿياربند ڌرين کي گهرايو، ان سان منهنجو ڪوبه واسطو ناهي، مون ڌرين وچ ۾ ٺاهھ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ٺاهه نه ٿيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button