پاڪستانسنڌ

ننگرپارڪر ۾ پورهيتن جي 10 گهرن کي باهه، لکن جو نقصان

ننگرپارڪر: ننگرپارڪر جي ڳوٺ رامجي جو وانڍيو ۾ اوچتو باهه لڳڻ سبب 10 پورهيتن جا گهر سڙي ويا، جڏهن ته اطلاع باوجود فائربرگيڊ عملو نه پهتي. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب آتم، ڪانجي، مالو، تلسي ۽ سوڀو ڪولهي سميت 10 پورهيتن جا ڪکاوان گهر سڙي رک ٿي ويا آهن. جڏهن ته باهه سبب گهرن ۾ پيل کٽون، بسترا، ٿانو، روڪ رقم، زيور، ضروري ڪاغذ ۽ ٻيو سامان سڙي ويو. تيز هوا سبب وڏي محنت کانپو ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آندو. باهه لڳڻ دوران پورهيت ٻار وٺي رڳو جانيون بچائي سگهيا، گهر سڙڻ بعد متاثر پورهيت ٻارن ۽ عورتن سميت کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، جن جي چونڊيل نمائندن سميت ڪامورن ڪا سار نه لڌي. هنن اعلى اختيارين کان گهر ڪئي ته گهر ٺهرائي ڏئي اسان جي مالي مدد ڪئي وڃي. ڳوٺاڻن ٻڌايو ته فائربرگيڊ گاڏي اطلاع ڏين باوجود باھه وسامڻ بعد پھتي ۽ پاڻي ھاري واپس ھلي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button