پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۾ بااثر زميندار جي مبينا ڏاڍ خلاف احتجاج

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ۾ ڀيل برادي جي ماڻهن ڏگوفارم جي زميندار مير مجتبى ۽ مير علي گوھر ٽالپر خلاف احتجاج ڪيو، احتجاج ۾ ڀيل انٽيليئڪچوئل اڳواڻ وڪيل لالا ڀيل، رامچند ڀيل، ويرسي ڀيل ۽ ٻين مردن توڙي عورتن وڏي انگ ۾ يڪجهتي طور شرڪت ڪئي. هنن الزام هڻندي چيو ته زميندار بااثر آهن، جن پورهيت ڏانو ڀيل جي زمين تي قبضو ڪيو آهي، زبردستي زمين جو کاتو وٺڻ لاءِ ڏاڍ ڪن پيا ۽ ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪرائين پيا. هنن گهر ڪئي ته انصاف ڪيو وڃي. الزام هيٺ آيل مير مجتبى ٽالپر الزامن جي ترديد ڪندي چيو ته مٿس هنيل الزام بي بنياد ۽ ڪوڙا آهن، ڏانو ڀيل ڪرمنل قسم جو ماڻهو آهي، زمين جو منهنجو کاتو آهي، پوري علائقي جي ماڻهن کي خبر آهي ته اسان جو ڪردار ڪهڙو آهي. هن لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ٿا ڪيون ته بي بنياد الزام هڻندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button