پاڪستانسنڌ

عثمان شاهه هڙي ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج

عثمان شاهھ ھڙي: تعلقي جهنڊو مري جي مختلف يوسيز جي برسات متاثرن واهر نه ٿيڻ خلاف ۽ ڊي سي ٽنڊوالهيار کي هٽائڻ لا سماجي اڳواڻ محمد موسى جماڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. احتجاج ۾ شامل متاثرن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي راشن نه ملڻ ۽ ڊي سي کي هٽائڻ لا دانهون ڪيون. هنن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊوالهيار ۽ اي سي جهنڊومري جي آفيسن جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آھيون، برسات بيٺي 2 مهينا ٿي ويا آهن، پر ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال ناهي ڪرايو ويو، اسان کي خيما، راشن، مڇردانيون ۽ ٻيو سامان ناهي مليو، ان ڪري مجبور ٿي روڊن تي نڪتا آهيون. هنن گهر ڪئي ته اسان کي راشن ۽ ٻيو سامان ڏئي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button