اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جا اگهه برقرار رکڻ جو اعلان

اسلام آباد:حڪومت ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي اگهن جي حوالي سان اعلان ڪري ڇڏيو. اوگرا طرفان سمري ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ معمولي لاٿ جي سفارش ڪئي وئي هئي پر حڪومت ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جا اگهه برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو ته 31 آڪٽوبر تائين پيٽروليم شين جا اگهه برقرار رهندا، اوگرا جي سمري واشنگٽن ۾ مون کي پهچائي وئي، جنهن ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ معمولي لاٿ جي سفارش ڪئي وئي هئي. هن وڌيڪ چيو ته سمري ۾ ڊيزل، گاسليٽ ۽ لائٽ ڊيزل جي قيمت وڌائڻ جو ذڪر هو، وزيراعظم جي مشوري ۽ اجازت سان اگهه برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button