پاڪستانسنڌ

مورو ۾ پاڻي نيڪال نه ڪرڻ خلاف متاثرن جو مظاهرو

مورو: مورو جي يوسي ڪينچي جاگير ديهھ چانڊو جي مختلف ڳوٺن مان پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو، جنهن خلاف ڳوٺ امام بخش موٽمل، ڳوٺ فضل جيسر، ڳوٺ گل محمد جيسر، ڳوٺ ڏھيسر جيسر، ڳوٺ اما علي جيسر جي رھواسين احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي مشتاق بھڻ، اشفاق علي بھڻ، امير جيسر، حنيف جيسر، مناھي جيسر، عبدالرزاق موٽمل، نواب موٽمل، عباس موٽمل ۽ ٻين چيو ته اسان جي ڳوٺن ۾ گذريل ٽن مھينن کان پاڻي موجود آھي، فصل، روڊ رستا، اسڪول ۽ اسپتال پڻ پاڻي هيٺ آهي، پر اختيارين پاڻي جي نيڪال لا ڪي به قدم نه کنيا آهن. هنن اعليٰ اختيارين کان تدارڪ جي گهر ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button