پاڪستانسنڌ

رانوتي پوليس پنجاب واسي 2 نوجوانن کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو

اوٻاوڙو: رانوتي پوليس ڳجهي اطلاع تي شاهوالي دم دمون وٽان پنجاب واسي عديل حسين جٽ ۽ عامر شهزاد جٽ کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو. ان حوالي سان پوليس ٻڌايو ته اطلاع ۽ جديد ٽيڪنالوجي جي مدد سان خبر پئي ته اغوا ڪار ٻن ڄڻن کي ماڇڪي پنجاب مان دلاسو ڏئي ڪچي جي طرف اغوا ڪري کڻي وڃي رهيا آهن، جنهن بعد ناڪابندي ڪئي ۽ جڏهن بچا بند وٽ شاھوالي دم دمي تي پھتي ته اغوا هٿياربندن پوليس کي ڏسندي ئي فائرنگ شروع ڪري ڇڏي، پوليس جي جوابي فائرنگ کان پوءِ موٽرسائيڪلن تي سوار سھتو شر، بڍھل شر ۽ ٽي نامعلوم ٻنهي ڄڻن کي ڇڏي فائرنگ ڪندا ڪچي جي طرف فرار ٿي ويا. پنجاب واسين ٻڌايو ته ٽريڪٽر خريد ڪرڻ لا ڪچي جي طرف وڃي رهيا هئاسين ته پوليس ڪارروائي ڪئي. ٻي طرف پوليس هٿياربندن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button