پاڪستانسنڌ

ڄام صاحب ويجهو ڀاڙي تان جهيڙو، رڪشا ڊرائيور گوليون هڻي قتل

ڄام صاحب: ڄام صاحب ويجهو ڀاڙي تان هٿياربندن رڪشا ڊرائيور کي قتل ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب گپچاڻي روڊ تي لونگ فقير وٽ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن رڪشا تي گهر ويندڙ نوجوان رضا محمد عرف اقبال ڏنگراج کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي مقتول نوجوان جو لاش اسپتال پهچايو، جنهن بعد قانوني ڪارروائي ڪري لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته پوليس نوجوان جي قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگهي. ٻي طرف نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. مقتول نوجوان جي پيءَ دلبر ڏنگراج صحافين کي ٻڌايو ته منهنجي نوجوان پٽ کي قتل ڪندڙ هٿياربندن کي سڃاتا آهن، ڪجھه ڏينھن اڳ ڄام صاحب ۾ رڪشا جي ڀاڙي جي معاملي تي جوابدارن پٽ سان منهن ماري ڪئي هئي. هن چيو ته ظالمن ظلم ڪيو آهي، قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button