پاڪستان

ڪنهن کي شڪ نه هجڻ گهرجي، پاڪستان ذميوار ايٽمي ملڪ آهي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي ايٽمي اثاثن بابت آمريڪي صدر جو بائيڊن جو بيان رد ڪندي چيو آهي ته ڪنهن کي شڪ نه هجڻ گهرجي، پاڪستان هڪ ذميوار ايٽمي ملڪ آهي. وزيراعظم آفيس مان جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آمريڪي صدر جو رپورٽ ٿيڻ وارو بيان رد ڪيون ٿا، جيڪو حقيقت ۾ غلط ۽ گمراهه ڪندڙ آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان گذريل ڏهاڪن ۾ ثابت ڪري چڪو آهي ته انتهائي ذميوار رياست آهي، ايٽمي پروگرام ٽيڪنيڪل بنياد تي تمام گهڻو مضبوط ۽ فول پروف ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول نظام ذريعي هلايو پيو وڃي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم چيو هو ته مان واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته پاڪستان هڪ ذميوار ايٽمي رياست آهي ۽ اسان کي فخر آهي ته اسان جا جوهري اثاثا آ اي اِي اي جي گهربل حفاظتي قدمن موجب آهن. هن چيو ته اسان انهن حفاظتي قدمن تي انتهائي سنجيدگي سان عمل ڪري رهيا آهيون، ڪنهن کي به ان تي شڪ نه هئڻ گهرجي. وزيراعظم جي آفيس مان جاري ٿيل بيان موجب هن چيو ته پاڪستان پنهنجي ايٽمي هٿيارن جي صلاحيت جي حوالي سان مسلسل ذميواري جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، آءِ اي ايِ اي جي ايٽمي هٿيارن جي روڪٿام، حفاظتي ۽ سيڪيورٽي قدمن سميت عالمي معيارن تي پرعزم طريقي سان جاري رکيو آهي. وزيراعظم چيو ته عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ حقيقي خطرو بدترين قوم پرستي، خطي ۾ غيرقانوني قبضي خلاف جدوجهد ڪرڻ وارن جي انساني حقن جي ڀڃڪڙي ۽ عالمي قدرن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ وارين رياستن مان آهي. هن چيو ته عالمي امن کي اهڙين رياستن مان خطرو آهي جتي لاڳيتو نيو ڪليئر واقعا ٿي رهيا آهن، وڏين ايٽمي رياستن جي وچ ۾ هٿيارن جي ڊوڙ ۽ خطي جو توازن بگاڙڻ وارا نوان سيڪيورٽي منصوبا آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا دوستي، نتيجا ڏيندڙ گڏيل لاڳاپن جي ڊگهي تاريخ رکي ٿي. هن چيو ته خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ اسان جي مخلصاڻي خواهش آهي ته آمريڪا پاڪستان سان سهڪار ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button