پاڪستانسنڌ

جهڏي ۾ ڪيترائي ٻوڏ متاثر اباڻن ڪکن ڏانهن واپس روانا

جهڏو: جهڏي جي اوڀر واري ڪالونين جي ٻوڏ متاثرن کي روينيو عملي پاران نظرانداز ڪرڻ خلاف عابد ڪالوني جي رهواسي اصغر علي ولد علي شير جٽ پاران ڊگهڙي ڪورٽ جي جڊيشنل مئجسٽريٽ نويد احمد سهتو جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي، عدالتي حڪم تي اسسٽنٽ ڪمشنر جهڏو ريحان ڏيٿو ۽ مختيارڪار مير مظهر ٽالپر متاثرن جي سروي ڪري 100 خاندانن کي راشن جا ٿيلها ڏنا. درخواستگذار موجب ٻوڏ متاثرن کي هڪ مهيني دوران مختلف ڪالونين ۾ 215 راشن جا ٿيلها، 60 مهريون ۽ 30 خيما متاثرن کان سڃاڻپ ڪارڊ جي ڪاپي وٺي صحيحون ڪرايون آهن، سمورو رڪارڊ عدالت سڳوري ۾ پيش ڪيو ويندو. ھوڏانھن ٻوڏ دوران مختلف علائقن کان اچي ڀلهو ڀٽي روڊ تي عارضي خيما اڏي ويٺل خدابخش ڀٽي، شاهنواز چانڊيو، سنگھار، لياقت چانڊيو، شريف چانڊيو، دلشاد، سجاول، عبدالحق، ناصر، ذوالفقار، بلاول، صاحب احمد، رميش ڪولهي، نارو ڪولهي، رامچندر، ڌرمشي، تماچي، ڌيرام، ڀارو سميت ڪيترائي خاندان امدادي سامان وٺي اباڻي ڪکن ڏانهن روانا ٿي ويا. ميڊيا سان ڳالهائيندي صفيه جٽ، ثريا، وسيم ڪلير جٽ، رفيیق جٽ، امام بخش چوهاڻ، جعفر علي ڀٽي، سليمان ڀٽي، ۽ ٻين چيو ته معزز جج نويد احمد سهتو جا شڪر گذار آھيون، جنهن اصغر علي جٽ جي درخواست تي عمل ڪرائي اسان جي مدد ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button