پاڪستانسنڌ

ڊگهڙي ۾ پوليس سماجي اڳواڻ جي چوري واپس نه ڪرائي، بک هڙتال

ڊگھڙي: ڊگهڙي ۾ سماجي اڳواڻ ڪامريڊ صغران خاصخيلي جي گهران ٿيل چوري واپس نه ڪرائڻ ۽ ڌمڪيون ملڻ خلاف سنڌ مزدور اتحاد طرفان پريس ڪلب اڳيان قائم ڪيل 8 ڏينهن واري علامتي بک هڙتال ڪئمپ پڄاڻي تي پهتي، ميرپورخاص کان سگا اڳواڻن، سول سوسائٽي جي نمائندن، ايس ٽي پي اڳواڻ پهتا. ان موقعي تي سنڌ مزدور اتحاد جي مرڪزي صدر حميد چنا، ايس ٽي پي ضلعي صدر مير يونس ٽالپر، سنڌ مزدور اتحاد جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري منظور علي چانڊيو، سگا ميرپورخاص جي صدر ظفر علي پنهور، جنرل سيڪريٽري جمن لغاري، سول سوسائٽي ميرپورخاص جي اڳواڻ شير محمد سولنگي، لاريب قمبراڻي ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته شھر سان تعلق رکندڙ هڪ متحرڪ سماجي اڳواڻ ۽ سنڌ مزدور تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ صغران خاصخيلي جي گهران ٿيل چوري واري واردات خلاف سنڌ مزدور اتحاد طرفان اعلانيل اٺن ڏينهن واري علامتي بک هڙتال جو اڄ آخري ڏينهن هو، اسان جي تحريڪ جو اڄ پهريون مرحلو مڪمل ٿيو آهي، هاڻ سول سوسائٽي ۽ سڄان ڌريون پاڻ ۾ گڏجي هن واردات ۽ ڊگهڙي پوليس خلاف ايندڙ لائحه عمل جوڙينديون. پوليس جي نااهلي جي ڪري صغران خاصخيلي سميت شھري غيرمحفوظ آهن. گذريل ڏينهن هڪ اوباش نوجوان ڪامريڊ صغران خاصخيلي جي رستاروڪ ڪري کيس موتمار ڌمڪيون ڏنيون، پوليس جي رويي تي اسان کي سخت مايوسي ٿي آهي، اسان سمجهون ٿا ته پوليس چورن سان ٻٽ بڻيل آهي. احتجاج بعد ريلي جي صورت ۾ اڳواڻ ڊگهڙي ٿاڻي تان ٿيندي ڊي ايس پي ڊگهڙي مير آفتاب ٽالپر جي رهائشگاھه تي پهتا، ريلي ۾ عورتون ۽ معصوم ٻار پڻ شريڪ هئا، ڊي ايس پي ڊگهڙي اڳواڻن کي خاطري ڪرائي ته ٿيل چوري جلد برآمد ڪرائي ويندي، جنهن بعد احتجاج ختم ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button