پاڪستانسنڌ

مڪلي ۾ ڇاپو، ٻن مهينن کان قيد ڇوڪري بازياب، پي گرفتار

ٺٽو: مڪلي ۾ شاهھ لطيف ڪالوني جي رھواسي اسماعيل بنگالي پاران پنھنجي نياڻي 13 سالن جي حبيبان کي گھر ۾ ٻن مھينن کان قيد ڪري مسلسل تشدد جو نشانو بڻائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، پوليس نياڻي کي بازياب ڪرائي تشدد ڪندڙ اسماعيل کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. ايس ايڇ او مجيد بروھي ٻڌايو ته جوابدار ٻن مھينن کان پنھنجي نياڻي کي گھر ۾ قيد ڪري تشدد جو نشانو بڻائي رھيو ھو، اڄ اطلاع مليو، جنھن تي ڪارروائي ڪري نينگري کي گھر مان آزاد ڪرايو ۽ جوابدار اسماعيل بنگالي کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو آھي. مڪلي ٿاڻي تي نينگري جي ماسات محمد ارمان جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري جاچ ڪريون پيا. هوڏانهن جوابدار اسماعيل بنگالي اعتراف ڪندي چيو ته ٻين ماڻهن سان ڳالھائڻ تي ڪاوڙ ۾ ڌي تي تشدد ڪيو، زال کي طلاق ڏئي ڇڏي آهي، ٻن نياڻين مان ھڪ اڳوڻي زال کي ملي ۽ حبيبان مون کي ملي. تشدد جو نشانو بڻجندڙ نياڻي حبيبان ٻڌايو ته مون کي بابا بي سبب گھر ۾ قيد ڪري تشدد جو نشانو بڻائيندو ھو، منھنجي ماسي کي خبر پئي، جنھن پوليس کي چئي منھنجي جان بچائي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button