پاڪستانسنڌ

پاڻي لنگهن تان قبضا ختم ڪرائي متاثرن کي معاوضا ڏنا وڃن:عوامي تحريڪ

ٺٽو: ٺٽي ۾ “ٻوڏ متاثرن جي واهر، پاڻي جا قدرتي لنگھه بحال ڪريو” ڪانفرنس ۽ عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي اليڪشن پريس ڪلب ٺٽي ۾ ٿي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، نور احمد ڪاتيار، پريس ڪلب جي صدر صحافي اقبال جاکرو، عوامي تحريڪ ضلعي جي صدر مٺا خان لاشاري، گهنور خان زنور، شاعر آڪاش عباسي، سنڌي ادبي شاخ ٺٽي جي سيڪريٽري فقير اڪرم، عبدالرزاق چانڊيو، انور پالاري، رياض عباسي، مجاهد بلوچ، بلاول لاشاري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي 2 ڪروڙ ماڻهن کي هٿ وٺي ٻوڙيو ويو، ٻوڏ متاثر دربدر آهن، افسوس جهڙي ڳالھه آهي ته 19 ٻوڏ متاثرن کي نوري آباد ڀرسان بس ۾ بيدردي سان ساڙي ماريو ويو، پر ڪنهن به ذميوار خلاف ڪو به قانوني قدم نه کنيو ويو آهي. سنڌ جي ماڻهن سان دشمني وارو رويو رکيو ويو آهي. 70 سالن کان سنڌ جي عوام کي ماريو، ڦريو ۽ لٽيو پيو وڃي. ملڪ جي حڪمرانن جو اهڙو سنڌ دشمن رويو سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو. ڪانفرنس ۾ مطالبا ڪيا ويا ته رياستي ادارا سنڌي ماڻهن سان دشمني وارو رويو بند ڪن. 2 ڪروڙ سنڌ جي ماڻهن کي هٿ وٺي ٻوڙيندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري سخت سزائون ڏنيون وڃن. پاڻي جي فطري لنگهن تي حڪومتي ڌر جي وزيرن، مشيرن ۽ ڀوتارن جي ڪيل قبضن کي خالي ڪرائي مٿن قبضن جا ڪيس داخل ڪيا وڃن. نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي موجوده انتظاميا کي هٽائي اٿارٽي جو سربراهه سائنس جي پروفيسر کي مقرر ڪيو وڃي. صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي سربراه کي به فورن هٽائي ججن سول سوسائٽي ۽ صحافين تي مشتمل اٿارٽي جوڙي وڃي. ٻوڏ ۾ فوت ٿيل في فرد جي خاندان کي هڪ هڪ ڪروڙ، زخمي کي 30 لک ۽ ڊهي ويل گهر جا 50 لک رپيا ڏنا وڃن. ٻوڏ متاثرن لا ڪراچي ۾ 10 هزار ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي وڃي. بس ۾ سڙي فوت ٿيل ماڻهن جو ڪيس اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي، ڪمشنر ڪراچي، ٽرانسپورٽ اينڊ ماس ٽرانزٽ ڊپارٽمينٽ جي وزير، لاڳاپيل ڊي سي، اي سي ۽ مختيارڪار تي ڪيس داخل ڪيو وڃي. تباهه ٿيل فصلن ۽ مري ويل مال جو هارين ۽ آبادگارن کي معاوضو ڏنو وڃي. ٻئي طرف عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي چونڊ پريس ڪلب ۾ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن عبدالقادر رانٽو، نور احمد ڪاتيار ۽ نور محمد ڪنڀر جي نگراني ۾ ٿي، جنهن ۾ صدر مٺا خان لاشاري، نائب صدر عبدالرزاق چانڊيو، جنرل سيڪريٽري رياض عباسي، جوائنٽ سيڪريٽري انور پالاري، خزانچي ادريس گلڙي، پريس سيڪريٽري شاھه محمد چانگ، آفيس سيڪريٽري امان الله بروهي، ثقافتي سيڪريٽري مارو خشڪ، ليگل سيڪريٽري گهنور زنور، ميمبر ۾ بلاول لاشاري، محمد حنيف جانهيارو، الله بخش بلوچ، علي اڪبر گلڙي، خالق گندرو، ايوب انڙ، حافظ نور محمد ميمڻ ۽ عبدالرحمان چانگ کي چونڊيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button