پاڪستانسنڌ

ٽنڊوآدم ۾ معصوم ٻار اغوا بعد زيادتي جو شڪار، تشدد، جوابدار گرفتار

ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم ۾ مبينا طور نشي ۾ ڌت جوابدار معصوم نينگر کي کنڀي بدفعلي جو نشانو بڻايو، مزاحمت تي جوابدار نينگر تي بدترين تشدد ڪيو، جنهن سبب ٻار جي اک کي نقصان پهتو. پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. رپورٽ موجب ٽنڊوآدم جي چانھيا پاڙي ۾ مبينا طور نشي ۾ ڌت جوابدار 7 سالن جي معصوم نينگر کي کنڀي پنھنجي گھر کڻي وڃي بدفعلي ڪئي ۽ مزاحمت ڪرڻ تي تشدد جو نشانو بڻايو، جنھن سبب نينگر جي ھڪ اک سخت متاثر ٿي ۽ هو بيهوش ٿي ويو. واقعي بعد وارث نينگر کي ٿاڻي تي کڻي آيا. جنهن بعد پوليس اين سي داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. هوڏانهن نينگر کي ميڊيڪل چيڪ اپ لا تعلقي اسپتال آندو ويو، جتي نينگر جو ميڊيڪل ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ متاثر نينگر جي مامي ٻڌايو ته جوابدار گرفتاري وقت به نشي ۾ ڌت ھو، جنھن فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. ھن گھر ڪئي ته جوابدار کي سخت سزا ڏئي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button