پاڪستانسنڌ

شهدادپور ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ڪرڻ خلاف ريلي

شھدادپور: شهدادپور ۾ عوامي تحريڪ تعلقي شھدادپور جي ڪارڪنن لطيف پارڪ کان پريس ڪلب تائٔين مرڪزي اڳواڻ لال جروار، راڻو خان ڪنڊاڻي ۽ عالم لغاري جي اڳواڻي ۾ ٻوڏ متاثرن جي واھر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو ته پ پ سنڌ کي ھٿ سان ٻوڙي تباھه ڪري وڏو ظلم ڪيو آھي، سڄي سنڌ ۾ ھٿرادو ڪٽ ڏيئي سنڌ ٻوڙي فنڊ کاڌا ويا آھن، مسڪين ٻوڏ متاثرن جي ڪا واھر نه ڪئي آھي، ٻوڏ سبب ھاري ناري دربدر ٿي ويا، جن جي فصلن جي تباھي جي ذميوار پ پ آھي، حڪمران سنڌ کي ٻوڙي پنهنجي بنگلن تائٔين محدود ٿي ويا آھن. ھنن مطالبو ڪيو ته بي گھر ٿيل ماڻھن کي گھر ٺھرائي ڏنا وڃن ۽ زميندارن ۽ ھاري کي مفت ڀاڻ ڏنو وڃي ته جئين ھو چيٽ جو فصل ڪاھي سگھن ۽ زمينن ۾ بيٺل پاڻي جلد کان جلد نيڪال ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button