پاڪستان

پهرين ووٽ_ بعد ۾ شادي، مختلف تڪن تي 4 گهوٽ پولنگ اسٽيشن پهچي ويا

ضمني چونڊن دوران مختلف تڪن تي 4 گهوٽ پنهنجي شادي جون رسمون ڇڏي ووٽ ڏيڻ لا پولنگ اسٽيشن پهچي ويا. چارسدا ۾ ٽن سئوٽن پنهنجي شادي واري ڏينهن ڄڃ ڇڏي ووٽ ڏيڻ لا پولنگ اسٽيشن جو رخ ڪيو. گهوٽن جو چوڻ آهي ته اسان کي شادي سان گڏوگڏ اها پڻ خوشي آهي ته اڄ پنهنجي ليڊر عمران خان کي ووٽ ڏئي رهيا آهيون. هوڏانهن ملتان جي قومي تڪ اين اي 157 تي ضمني چونڊ ۾ گهوٽ پنهنجي سينگاريل گاڏي ۽ ڄاڃين سميت ووٽ ڏيڻ لا پولنگ اسٽيشن پهچي ويو. سڪندر علي قريشي نالي گهوٽ ڪنوار حاصل ڪرڻ کان وڌيڪ ووٽ جي قومي فرض کي اهم سمجهيو ۽ پولنگ اسٽيشن تي پهچي پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ووٽ ڏيڻ قومي فرض آهي، تنهن ڪري پهرين ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ آيو آهيان، بعد ۾ ڪنوار وٺڻ ويندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button