پاڪستان

شيخ رشيد کي قبضو ڪرڻ تي لال حويلي 7 ڏينهن اندر خالي ڪرڻ جو حڪم

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد ۽ سندس ڀاءُ شيخ صديق کي 7 ڏينهن اندر لال حويلي خالي ڪرڻ جو نوٽيس ملي ويو. متروڪا وقف املاڪ بورڊ جي 7 ايراضي يونٽن مان بيدخلي جي حوالي سان ڊپٽي ايڊمنسٽريٽر طرفان مهلت ڏني وئي آهي. نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته قبضي هيٺ آيل ايراضي يونٽ 7 ڏينهن اندر خالي ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ توهان کي پوليس ذريعي بيدخل ڪيو ويندو. متروڪه وقف املاڪ جي ڊپٽي ايڊمنسٽريٽر آصف خان ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي کي پوليس جي مدد لاءِ خط به لکي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ 7 ايراضي يونٽ خالي ڪرائڻ لاءِ 19 آڪٽوبر تي پوليس جي مدد طلب ڪئي وئي آهي. ڊپٽي ايڊمنسٽريٽر مطابق لال حويلي سميت متروڪه وقف املاڪ جي 7 ايراضي يونٽن واري ڪيس جون ڪيتريون ئي شنوايون ٿي چڪيون آهن، جنهن دوران شيخ رشيد ۽ سندس ڀاءُ شيخ صديق ڪي به پڪا ۽ تصديق ٿيل دستاويز پيش نه ڪري سگهيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button