پاڪستان

جٿن جي ذريعي حڪومت تبديل ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين: گهرو وزير

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته لانگ مارچ ذريعي حڪومت تبديل ڪرڻ جي اجازت ڪنهن کي به نه ڏني ويندي، جيڪڏهن عمران خان اليڪشن جي تاريخ يا ٻين معاملن تي غير مشروط ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو ته ڀلي اچي، باقي اسان مشروط ڳالهيون نه ڪنداسين. فيصل آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته آمريڪي صدر جو بائيڊن پاڪستان بابت غير ذميواراڻو بيان ڏنو، آمريڪي صدر مبهم انداز ۾ ڳالهايو ۽ سندس ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان جو ذڪر ڪرڻ ٺهي ئي نٿو. ننڍي چونڊ بابت هن چيو ته مون ڪنهن به جاءِ تي قانون جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي، جيڪڏهن ڪنهن سان ملڻ يا خوشي خاطر ويس ته ان کي اليڪشن مهم نٿو چئي سگهجي، هنن کي گرفتار ڪرڻو آهي ته ڀلي ڪن، آئون ڪهڙو پهريون دفعو گرفتار ٿيندس، شفاف چونڊن لاءِ وفاقي اداري سميت سڀني کي اليڪشن ڪميشن جي هدايتن تي عمل ڪرڻ گهرجي، مون کي ٻڌايو ويو آهي ته ننڍي چونڊ جو ٽرن آئوٽ 20 کان 25 سيڪڙو آهي. پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ گهرو وزير چيو ته 25 مئي واري پاليسي کي ڏهن سان ضرب ڪري منهن ڏنو ويندو ۽ لانگ مارچ ذريعي حڪومت بدلائڻ جي اجازت ڪنهن کي به نه ڏينداسين، جيڪڏهن هٿياربند جٿن ذريعي حڪومت جي تبديلي جو عمل شروع ٿي ويو ۽ هڪ ڀيرو هي ائين ڪري وٺندا ته 8 مهينن بعد وري ڪو ٻيو جٿو اچي نڪرندو ۽ پو هي ملڪ جٿن جي ذريعي هلندو، تنهن ڪري جٿا ڪلچر کي روڪڻ لا اسان پنهنجي جانين جو نذرانو به پيش ڪنداسين پر اهڙي سياست کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو, جمهوري عمل ۽ طريقو اهو آهي ته ووٽ ذريعي تبديلي اچي، مشروط ڳالهين لا تيار نه آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button