پاڪستان

نشتر اسپتال ۾ لاش ڇت تي رکڻ ۾ عملو ذميوار قرار، ڪارروائي جي سفارش

ملتان ۾ نشتر پارڪ جي ڇت تي لاوارث لاش ملڻ جي جاچ مڪمل ٿي وئي، انڪوائري ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري پنجاب کي موڪلي ڇڏي، جنهن ۾ لاش وصول ڪرڻ ۽ ڇت تي رکڻ ۾ ملوث اسپتال عملي خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي آهي. نشتر اسپتال ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري طرفان جوڙيل جاچ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن پنهنجي رپورٽ تيار ڪري ورتي آهي. رپورٽ ۾ لکيو ويو ته اسپتال مان 28 ڏينهن بعد لاش کڻي وڃڻ جي ذميوار پوليس آهي، رپورٽ ۾ پوليس کي چيو ويو ته سمورا لاش يوسي سيڪريٽري جي نگراني ۾ دفنايا وڃن. جاچ ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته نشتر اسپتال انتظاميا ۽ پوليس لاشن جي تدفين لا هڪ ٻئي سان رابطي ۾ رهن. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ نشتر اسپتال جي ڇت تان لاش ملڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي، جنهن بعد پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي جاچ لا ڪميٽي قائم ڪئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button