پاڪستان

آمريڪا جي قلابازي، پاڪستان جي ايٽمي اثاثن جي تحفظ تي اعتماد جو اظهار

آمريڪي حڪومت پاڪستان جي ايٽمي اثاثن بابت صدر جو بائيڊن جي بيان بعد وضاحت جاري ڪندي چيو آهي ته ايٽمي اثاثن جي تحفظ لاءِ پاڪستان جي عزم تي پراعتماد آهيون. آمريڪي پرڏيهي آفيس جي بيان مطابق ايٽمي اثاثن جي تحفظ لاءِ پاڪستان جي عزم تي اعتماد آهي. اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان خانگي ٽي وي سان ڪيل ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان بابت صدر جو بائيڊن جي موقف تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته صدر جو بائيڊن سمجهي ٿو ته محفوظ ۽ خوشحال پاڪستان آمريڪي مفادن لاءِ اهم آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان سان ڊگهي عرصي کان جاري تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪي صدر پنهنجي بيان ۾ پاڪستان جي ايٽمي اثاثن کي غير منظم قرار ڏنو هو. جنهن بعد وزيراعظم شهبازشريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪي صدر جي بيان کي رد ڪندي چيو هو ته پاڪستان جا جوهري اثاثا بلڪل محفوظ ۽ عالمي قانون جي عين مطابق آهن، اسان جا ايٽمي اثاثا پنهنجي ملڪ جي سلامتي لاءِ آهن نه ڪي ڪنهن مخالف جي خلاف جارحيت لاءِ آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button